پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيڻ واري موقف تان پوئتي نه هٽندي ۽ ڪشمير ڪازتي پي پي جي نظريئي ۾ گهرائي آهي

PPP-Azad-Jammu-&-Kashmir-Bilawal-meet-23317

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ڪشميرين کي  حق خود اراديت ڏيڻ واري موقف تان پوئتي نه هٽندي ۽ ڪشمير ڪازتي  پي پي جي نظريئي ۾ گهرائي آهي.

ڪراچي ۾ آزاد ڪشمير جي ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾   نون ليگ جي ڏاڍ باوجود   پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ثابت قدم رهيا.

بلاول ڀٽو زرداري نون ليگ پاران ڪارڪنن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي چيو ته چئني صوبن سميت آزادڪشمير  ۾ پارٽي جي تنظيم سازي جو ڪم جاري آهي ۽ تمام جلد آزاد ڪشمير جي عهديدارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدرسردار محمد يعقوب. چوڌري لطيف اڪبر، فيصل ممتاز ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*