ملڪ کي بچائڻ لاءِ پاڪستان کپي جو نعرو هنيو،پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي سربراهه آصف علي زرداري

Asif-zardari-23317

پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي سربراهه آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ کي بچائڻ لاءِ پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، بلوچستان کان معافي وٺڻ سرحد صوبي جو نالو  خيبر پختونخواهه رکڻ تي اعتراض ڪيو ويو.

لاهور جي بلاول هائوس ۾ پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جمهورت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.

اڳوڻي صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ضياءُ الحق جي دور  ۾ بيماري باوجود آمريت جي سختين جو مقابلو ڪيوضياءَ دنيا جي دٻاءَ تي نصرت ڀٽو ۽ شهيد بينظير کي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڏنو.

آصف زرداري چيو ته حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن، پراسان کي تاريخ ۾ زنده رهڻو آهي، پ پ هميشه پاڪستان جي سلامتي ۽ بهتري لاءِ فيصلا ڪيا آهن.

اڳوڻي صدر چيو ته ماضي جي غلطين تي  اسان  بلوچستان کان معافي ورتي ۽ سرحد صوبي جي عوام جي خواهش موجب صوبي جو نالو  خيبر پختونخواهه رکيو پر ان تي به اعتراض ڪيو ويو.

آصف زرداري چيو ته اسان پاڪستان جي ننڍن صوبن جو مسئلا حل ڪرڻ  نوجوانن کي روزگار ڏيڻ ۽ غريب عوام  جون تڪليفون گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون پر حڪمران جو ڌيان صرف وڏا روڊ ۽ پلون ٺاهڻ تي آهي ڇو ته انهن مان کين ڪميشن ملي ٿي.

اڳوڻي صدر چيو ته حڪمران دولت پاڻ سان کڻي قبر ۾ نه ويندا، انهن کي عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين ۽ ٻين بادشاهن وانگر غرور آهي پر کين  تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي.

آصف زرداري چيو ته اڄ بي بي شهيد اسان سان گڏ ناهي پر سندس سوچ اسان سان گڏ آهي، جمهوريت ۾ اسان کي پنهنجي غلطين جو  الله،  شهيد ڀٽو  ۽  تاريخ آڏو جواب ڏيڻو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*