ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس پاران ڪاررواين دوران هڪ پرڏيهي سميت 5 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

Karachi-Police-28716

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس پاران ڪاررواين دوران هڪ پرڏيهي سميت 5 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هڪ عورت جو لاش هٿ آيو آهي.

ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ڪيل رقم هٿ ڪئي وئي.

ڪالا پل ويجهو ڊفينس پوليس ڪارروائي ڪري هڪ روپوش جوابدار محمد آصف کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار اسٽريٽ ڪرائيمز ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث آهي، جنهن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن.

گلبرگ جي علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري هڪ افغان شهري کي حراست ۾ وٺي سندس خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

ملير جي علائقي الفلاح سوسائٽي ۾ ڦرلٽ دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 ريسڪيو ذريعن موجب خواجا اجمير نگري مان عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو جنهن جي  سڃاڻپ حرا عرف سجل جي نالي سان ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*