بک ۽ بيمارين سبب ٿر ۾ وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙو فوت انگ وڌي 379 ٿي ويو

ڏڪاريل ٿر ۾ موت جو رقص جاري آهي،ننگر پارڪر ۾ وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙي ڏڪار جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد 4 مهينن دوران فوتين جو انگ وڌي 379 ٿي ويو آهي.

ننگرپارڪر جي کوسا پاڙي ۾ پورهيت علي گل کوسو جي 4 ڏينهن جي معصوم ٻارڙي ڪمزوري غذائي کوٽ سبب فوت ٿي وئي.

ڏڪاريل ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي چئن مهينن دوران فوتين جو انگ وڌي 379 ٿي ويو آهي.

ٿر ۾ وسڪارو نه ٿيڻ ۽ حڪومت جي بي ڌياني سبب ڏڪار سٽيل ماروئڙا سخت معاشي مشلڪاتن جو شڪار آهن، جنهن سبب معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*