نوشهروفيروز ۾ انتظاميه حددخلين خلاف ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور ٺهيل اڏاوتون، ڇپرا، سائين بورڊ هٽائي ڇڏيا آهن

naushero froze

نوشهروفيروز ۾ انتظاميه حددخلين خلاف ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور ٺهيل اڏاوتون، ڇپرا، سائين بورڊ هٽائي ڇڏيا آهن.

ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار پوليس ۽ ٽائون ڪاميٽي انتظاميه سان گڏجي قومي شاهراهه، سنڌ ڪالوني سميت ٻين مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي اڏاوتون، ڇپر، منهه ۽ سائين بورڊ پٽرائي ڇڏيا.

ٽائون انتظاميه سنڌ ڪالوني ۾ هلندڙ اڏاوتي ڪم کي روڪرائي تعمير ٿيل ديوار به ڪرائي ڇڏي.

مختيارڪار شبير جان جسڪاڻي ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته شهر جي سمورن علائقن ۾ غير قانوني قبضا هٽرايا ويندا .

شبير جان جسڪاڻي چيو ته روڊن تي قبضن ۽ حددخيلن سبب رهواسي عذاب ۾ آهن جنهن سبب ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*