پنجاب جي صادق آباد شهر جي رهواسڻ ناري صنم بي بي بلوچستان جي صحبت پور جي رهواسي نوجوان علي بخش سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

jafarabad premi joro

پنجاب جي صادق آباد شهر جي رهواسڻ ناري صنم بي بي بلوچستان جي صحبت پور جي رهواسي نوجوان علي بخش سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو.

جعفرآباد ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي نوجوان علي بخش چيو ته صنم بي بي سان پسند جي شادي ڪرڻ بعد سندس والد قادر بخش ۽ ٻيا مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آهن.

هن چيو ته صنم جا مائٽ کين مسلسل قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

نوجوان علي بخش حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*