لوڌران ۽ بکر ۾ سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن سرچ آپريشن ڪري 40 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

orkazai egency

لوڌران ۽ بکر ۾ سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن سرچ آپريشن ڪري 40 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، اورڪزئي ايجنسي ۾ مقامي قبائلي اڳواڻن دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا گهر ساڙي ڇڏيا آهن.

لوڌران جي مختلف علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ڪارروائي ڪري 28 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، پوليس موجب آپريشن دوران هٿيار به مليا آهن.

بکر جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 11 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڃاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو  آهي.

ٻئي طرف اورڪزئي ايجنسي واري علائقي ۾ مقامي قبائلي اڳواڻن جرڳي جي فيصلي تحت ڪجهه ڏينهن اڳ ڪارروائي ۾ مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر شاهه دور ۽ سندس ساٿين جا گهر ساڙي ڇڏيا آهن.

اورڪزئي ايجنسي واري علائقي هندواڙه ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قبائلي اڳواڻن جو جرڳو ٿيو، جنهن ۾ دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن جا گهر ساڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*