ٺاروشاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن 11 ڏينهن کان هلندڙ احتجاج ڀريا چيئرمين جي خاطري بعد ختم ڪري ڇڏيو آهي

tharushah

ٺاروشاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن 11 ڏينهن کان هلندڙ احتجاج ڀريا چيئرمين جي خاطري بعد ختم ڪري ڇڏيو آهي.

ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون آفيس آڏو احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ته ڀريا چيئرمين امير علي شاهه وٽن پهچي ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي  ملازمن چيو ته ڀريا جي چيئرمين کين پگهارون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن سبب احتجاج ختم ڪيو ويو.

هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب سندن ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن ۽ کين ڪير اڌار به نه پيو ڏئي.

ڀريا چيئرمين سيد امير علي شاهه چيو ته ملازمن کي سومر تائين پگهارون ڏنيون وينديون ۽ جائز مسئلا به حل ڪيا ويندا.

امير علي شاهه چيو ته پگهار دير ملڻ سبب ملازم پاڻ کي باهه ڏني، جنهن تي هو شرمسار آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*