سوڊان ۾ اغوا ٿيل بدين واسي انجنيئر اياز جمالي ڇهين ڏينهن به بازياب نه ٿي سگھيو

Ayaz-jamali-24317

سوڊان ۾ اغوا ٿيل بدين واسي انجنيئر اياز جمالي ڇهين ڏينهن به بازياب نه ٿي سگھيو، مغوي جي  وارثن  وفاقي حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته اياز جمالي جي بازيابي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون وڃن.

بدين ۾ ميديا سان ڳالهائيندي مغوي انجنيئر جي وارثن چيو ته اياز جمالي جي بازيابي لاءِ  حڪومت جي ڪوششن مان هو مطمئن ناهن، تنهن ڪري وڌيڪ قدم کنيا وڃن.

ٻئي طرف مغوي انجنيئر اياز جمالي جي گهر ۾ سندس بازيابي لاءِ قرآن شريف جو ورد جاري آهي.

 انجنيئر اياز جمالي کي ڏکڻ سوڊان ۾ 6 ڏينهن اڳ ڪم ڪرڻ دوران باغي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*