ڪراچي ۾ ڪسٽم اختيارين جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي ٻه عورتن کي گرفتار ڪري ورتو

Karachi-Airport-13117

ڪراچي ۾ ڪسٽم اختيارين جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي ٻه عورتن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪسٽم ترجمان موجب گرفتار عورتن وٽان وڏي تعداد ۾ سعودي، اماراتي ۽ جاپاني ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪپڙن ۾ لڪائي رکي وئي هئي.

ڪسٽم ترجمان موجب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڪراچي کان دبئي ويندڙ اِي ڪَي 601 اڏام مان ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو.

ڪسٽم ترجمان موجب عورتن کان هڪ لک 20 هزار 500 سعودي ريال، 50 هزار اماراتي درهم ۽ 5 لک جاپاني يَن هٿ ڪيا ويا، جيڪي ڪپڙن ۾ لڪائي رکيا ويا هئا.

ترجمان موجب گرفتار عورتن جو عدالت مان ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ورتو ويو آهي، جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*