تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حسين حقاني ميمون گيٽ ۽ ڊان ليڪس سڀئي شيون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حسين حقاني ميمون گيٽ ۽ ڊان ليڪس سڀئي شيون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، اميد ته پاناما ڪيس جو فيصلو ايندڙ هفتي اچي ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حڪومت سمجهي ٿي پاناما ڪيس ۾ قطري خط کيس بچائيندو اها سندن ڀل آهي.

عمران خان چيو ته ملڪ جا ادارا بي نقاب ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ادارا ڪم ڪن ها ته پوءِ کين سپريم ڪورٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها.

هن چيو ته پاناما فيصلي بعد سڀني کي خبر پوندي ته قطري خط مني لانڊرنگ کي بچائڻ لاءِ هو.

عمران خان چيو ته حسين حقاني اهي ڳالهيون ڪيون جن بابت سڀني کي اڳ ئي خبر هئي، اميد ته پاناما ڪيس جو فيصلو ايندڙ هفتي اچي ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*