سپريم ڪورٽ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کي ڪاالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي سان متاثر ٿيل امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪراچي احتجاجي مظاهرو ڪيو

khi commission

سپريم ڪورٽ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کي ڪاالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي سان متاثر ٿيل امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪراچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سيڪشن آفيسرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ماروي منظور ، زاهد کوسو، مسرور ۽ نائيلا سرفراز جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هنن 2013 ۾ اخبارن ۾ اشتهار اچڻ بعد ضروري اهليت جي بنياد تي درخواستون جمع ڪرايون، 2014 ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ ۽ 2015 ۾ لکت وارو امتحان پاس ڪرڻ بعد 2016 ۾ سندن انٽريوز ورتا ويا جنهن ۾ ڪاميابي بعد کين آرڊرز ڏنا ويا.

،

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته هنن وڏي محنت ڪرڻ بعد چٽا ڀيٽي جو  امتحان پاس ڪري نوڪريون حاصل ڪيون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته  سپريم ڪورٽ 19سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کي قرار ڏيڻ بابت مارچ 2017 تي ڏنل فيصلي تي نظر ثاني ڪري پنهنجو فيصلو واپس وٺي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*