پشاور، اٽڪ ۽ لياقت پور جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 50 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

Peshawar-Map-171016

پشاور، اٽڪ ۽ لياقت پور جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 50 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪارروائي دوران هٿيار هٿ ڪيا ويا، پوليس موجب گرفتار شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پشاور جي پشتخر ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 40 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب آپريشن دوران 2 پسٽل، گوليون ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي،گرفتار شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

اٽڪ ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب آپريشن دوران هٿيار به مليا آهن.

لياقت پور  ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 5 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس عملدارن چيو ته گرفتار شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*