ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري 9 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Karachi-Police-17317

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري 9 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ هڪ شخص فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

شاهه فيصل ڪالوني ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 3  جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار بئنڪ مان پئسا ڪڍرائيندڙ شهرين کان ڦرلٽ ڪندا هئا.

ناظم آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدار  اسٽريٽ ڪرائمز ۽ منشيات فروشيءَ  ۾ ملوث آهن جن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

گلبهار واري علائقي ۾ پڻ پوليس ڪارروائي ڪري ٽن  جوابدارن کي حراست ۾ وٺي سندن قبضي مان موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آهي.

ڀينس ڪالوني ۾ تيز رفتار گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ علي نالي شخص فوت ۽ زبير نالي نوجوان زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ريسڪيو ذريعن موجب ڪورنگي نمبر 5 واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو جنهن کي پڻ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*