ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ بجلي گهر لاءِ ڪوئلو ڪڍي وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار سيٺ گوهرالله ۽ ٻين تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ بجلي گهر لاءِ ڪوئلو ڪڍي وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار سيٺ گوهرالله ۽ ٻين تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جوابدار مقصود احمد پيش نه ٿيڻ تي فرد جرم واري ڪارروائي 6 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

احتساب عدالت ۾ حيدرآباد چيمبر جي صدر سيٺ گوهرالله، اڳوڻي وڏي وزير جي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه ۽ ٻين خلاف ڪوئلو ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن دوران جوابدار مقصود احمد پيش نه ٿيو.

جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مقصود احمد جي طبيعت خراب هئڻ سبب ڪارڊيو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جنهن ڪري اڄ پيش نٿو ٿي سگهي.

عدالت جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

نيب موجب جوابدارن بجلي گهر لاءِ ڪوئلو ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري قومي ناڻي کي اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ نقصان پهچايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*