آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ ميمبرن جي غيرحاضري سبب ٽرمپ انتظاميه هيلٿ ڪيئر بل واپس ڪري ڇڏيو

Trump-25317

آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ ميمبرن جي غيرحاضري سبب ٽرمپ انتظاميه هيلٿ ڪيئر بل واپس ڪري ڇڏيو، ٽرمپ انتظاميه پاران ويجهڙائي ۾ نئون بل نه آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب وائيٽ هائوس جي ڪوششن باوجود ري پبلڪن اڳواڻن جا خدشا ختم ٿي نه سگهيا، ايوان نئاندگان ۾ ميمبرن جي حاضري گهٽ رهي، جنهن کان پوءِ ٽرمپ انتظاميه هيلٿ ڪيئر بل واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ري پبلڪ ميمبرن جو خيال آهي ته ٽرمپ انتظاميه جو هيلٿ ڪيئر بل، اوباما  هيلٿ ڪيئر بل جهڙو آهي، جنهن سان حڪومت تي وڌيڪ خرچ جو بار پوندو.

ايوان نمائندگان جي اسپيڪر پال رائن چيو ته بل منظور ڪرائڻ لاءِ گهربل ميمبر نه هئڻ ڪري ٽرمپ انتظاميه بل واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي طرف ايوان نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽ اڳواڻ نينسي پلوسي چيو  ته اڄوڪو ڏينهن آمريڪي عوام جي فتح جو ڏينهن آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*