ميرپوربٺوري تعلقي جا واهه ۽ ڪئنال ڏيڍ مهيني کان بند هئڻ سبب علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديدبحران پيدا ٿي ويو آهي

mirpur-bathiro

ميرپوربٺوري  تعلقي جا واهه ۽ ڪئنال ڏيڍ مهيني کان بند هئڻ سبب علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديدبحران پيدا ٿي ويو آهي.

 گنج بحر ڪئنال ۽ٻين شاخن ۾ گذريل 7هفتن کان پاڻي جي لاڳيتي بندش  سبب ميرپور بٺوري جي واٽر سپلاءِ جاتلاءَ سڪي ويا آهن.

 ھزارين شھري پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ در بدر آهن ،عورتون ۽ ٻارڙا مٽ ، دلا ۽ دٻا کڻي شھر کان ھڪ ڪلوميٽر پري گهاڙي واهه وٽ لڳل نلڪن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن.

شهرين موجب گهاڙي واهه وٽ لڳل2 نلڪا پوري شهر لاءِ ناڪافي آهن۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ ايندڙماڻهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ  قطار ۾ بيھي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو.

 چونڊيل ڪائونسلرن ۽ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن غفور ميمڻ، غلام علي خواجا، عرفان خواجا ، حاجي موسي کٽي ۽ ٻين پاڻي کوٽ جو ذميوار آبپاشي عملدارن ۽ ٽائون چيئرمين کي قرار ڏيندي الزام هنيوآهي ته آبپاشي عملدارن پاران گنج بحر ڪئنال جو پاڻي ٻين ڪئنالن ۾ وھايو پيو وڃي ،جنهن جي ڪري پاڻي جو بحران پيدا ٿيو آهي.

 شهرين جو  چوڻ هو ته ٽائون انتظاميا جيڪڏھن  واٽرسپلاءِ جا ٻئي تلاءَ  مڪمل ڀرائي ڇڏي ھا ته شهرين کي پاڻي کوٽ جي بحران  کي منهن  ڏيئڻونه پوي ها.

 شهرين مطالبو ڪيو ته گنج بحر ڪئنال ۾ ھڪدم پاڻي کولرائي کين پريشاني کان بچايو وڃي ………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*