حڪومت اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف کي سعودي فوجي اتحاد جي سربراهي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

khuwaja asif or raheel shareef

حڪومت اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف کي سعودي فوجي اتحاد جي سربراهي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف پاران سعودي عسڪري اتحاد جي سربراهي ڪرڻ تي پاڪستان کي ڪو به اعتراض ناهي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته سعودي عرب جي حڪومت پاڪستان کان لکت ۾ اجازت گهري هئي، راحيل شريف سعودي عسڪري اتحاد جي سربراهي ڪري سگهي ٿو.

خواجا آصف چيو ته پاڪستاني حڪومت پاران سعودي عرب کي لکت ۾ اجازت نامو موڪليو ويو آهي، ميمبر ملڪن جي ايڊوائزري ڪائونسل جو اجلاس مئي مهيني ۾ سعودي عرب ۾ ٿيڻ جي اميد آهي.

 هن چيو ته حڪومت کي اڃا تائين اڳوڻي آرمي چيف پاران درخواست نه ملي آهي، اصولي طور تي راحيل شريف جا سعودي عسڪري اتحاد جي سربراهي ڪرڻ بابت معاملا طئي ٿيل آهن.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف پاران اسلامي فوج جي قيادت سنڀالڻ ذاتي نه پر ٻن حڪومتن جو معاملو آهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*