ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 9 رڪني ڦورو گينگ جي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن کي ڳجهي اطلاع ۽ سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو

Karachi-Police-24916

ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 9 رڪني ڦورو گينگ جي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن کي ڳجهي اطلاع ۽ سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو.

ايس پي گلبرگ بشير بروهي جو چوڻ آهي ته نارٿ ڪراچي جي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جتان ڦورن جي 9 رڪني گروپ جي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب 22 مارچ تي انڊسٽريا ۾ ڦر ۽ فائرنگ جا 2 واقعا ٿيا، عباسي شهيد اسپتال ۾ زخمي شخص ٻن ساٿين سميت پهتو ته پوليس کيس شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو.

ايس پي گلبرگ موجب 9 جوابدارن فيڪٽري ۾ داخل ٿي 22 موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪيا، جنهن بعد ٻي فيڪٽري ۾ داخل ٿيا ته مزاحمت تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

ايس پي بشير بروهي موجب زخمي جوابدار کي پنهنجا 2 ساٿي پهريان گوڌرا ۽ بعد ۾ عباسي شهيد اسپتال کڻائي ويا، گرفتار ٽنهي ڦورن جي نشاندهي تي وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار  ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*