نوابشاهه ويجهو ڍنڍ مان مڇي جي شڪار لاءِ ويل نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي ، وارثن پاران نوجوان جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي

nawabshah

نوابشاهه ويجهو ڍنڍ مان مڇي جي شڪار لاءِ ويل نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي ، وارثن پاران نوجوان جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.

 ڳوٺ ست پڙي جو نوجوان امير بخش جوکيو گذريل ڏينهن  ڳوٺ ڀرسان ڍنڍ مان مڇي مارڻ لاءِ ويو ته پراسرار نموني گم ٿي ويو.

وارثن طرفان ٽوٻن جي مدد سان ڍنڍ ۾ نوجوان امير بخش  جي ڳولا ڪئي  وئي پر هو هٿ نه اچي سگهيو آهي،نوجوان جي ننڍي ڀاءُ رضوان ٻڌايو ته سندس  ڀاءُ امير اڳ به ساڳي ڍنڍ ۾ مڇي مارڻ ويندورهيو آهي ۽ ڍنڍ ٻن ايڪڙن تي مشتمل آهي ،انڪري هن جو ٻڏي فوت ٿيڻ ممڪن نٿو لڳي، پوءِ به  10 ٽوٻا ڍنڍ ۾ کيس ڳولي رهيا آهن  پر هن جو ڪو به پتو ناهي.رضوان خدسو ڏيکاريو ته سندس ڀاءُ کي قتل ڪري سندس لاش کي گم ڪيو ويو آهي ويو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*