ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾قانون کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهيدن جي مزار آڏو مظاهرو ڪيو

ghari khuda bakhsh

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾قانون کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ  هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهيدن جي مزار آڏو مظاهرو ڪيو

 سکر ۽ لاڙڪاڻي  ڊويزن جي قانون کاتي ۾ ڪم ڪندڙ  هڪ کان 19 گريڊ جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪريم بخش ٻگهيو، شڪيل احمد اعواڻ، مير محمد کهاوڙ، غلام مدينا جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار آڏو هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو .

احتجاج ڪندڙن ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان نئين ديري تائين پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي  قانون کاتي ۽ سيشن عدالتن جي ملازمن کي ڌار ڌار پگهارون ۽ الائونس ڏنا پيا وڃن جيڪا ساڻن ٻه اکيائي آهي، جنهن کي ختم ڪيو وڃي.

 هنن مطالبو ڪيو ته سندن پگهارون،  الائونس ۽ ٻيون مراعتون جوڊيشري جي ملازمن جي  برابر ڪيون وڃن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*