پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ نون ۽ قوم عدالت جو هر فيصلو قبول ڪندي

Shahbaz-Sharif-211016

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ نون ۽ قوم عدالت جو هر فيصلو قبول ڪندي، سڀني کي قانون جي ڪٽهڙي تي آندو وڃي ته کير کير ۽ پاڻي پاڻي ٿي ويندو.

 ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته عورتن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت عورتن جي تحفظ بابت قانون سازي پڻ ڪئي آهي.

هن چيو ته عورتن کي قانوني مدد فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي، عورتن تي تشدد ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي.

شهباز شريف چيو ته پنجاب حڪومت تعليم جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، 4 لک 60 هزار ٻارن کي هر مهيني هڪ هزار وظيفو ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته ٻار مستقبل جا معمار آهي،کين سڀئي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، هلندڙ سال بجلي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو سال آهي.

وڏي وزير شهباز شريف چيو ته عورت تي تشدد ڪندڙ وڏي سزا جا حقدار آهن، عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ لاءِ هڪ نظام جوڙيو ويو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*