سپريم ڪورٽ جي جسٽس، جسٽس امير هاني مسلم چيو آهي ته مون انصاف نه پر انسان جي ٺاهيل آئين ۽ قانون تحت فيصلا ڪيا آهن، ججز کي فيصلا ڪرڻ وقت خدا جو خوف هجڻ گهرجي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ جي جسٽس، جسٽس امير هاني مسلم چيو آهي ته مون انصاف نه پر انسان جي ٺاهيل آئين ۽ قانون تحت فيصلا ڪيا آهن، ججز کي فيصلا ڪرڻ وقت خدا جو خوف هجڻ گهرجي.

ڪوٽڙي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ڄامشورو پاران مانَ ۾ ڏنل الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ججن کي خدا کي حاضر ناظر ٿي صحيح فيصلا ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته کيس  سٺا فيصلا ڪرڻ سميت هن عهدي تي پهچائڻ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي همت افزائي ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس علي احمد شيخ چيو ته جسٽس امير هاني مسلم سٺا فيصلا ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي.

هن چيو ته جسٽس اهو سٺو آهي جيڪو انصاف ڀريا فيصلا ڪري، انساني حقن جي حوالي سان قيدين جا به بنيادي حق آهن ۽ کين سموريون سهولتون ملڻ گهرجن.

تقريب ۾ اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي، جسٽس عبدالرشيد، جسٽس فيصل عرب، جسٽس سجاد علي شاهه ۽ ٻيا موجود هيا.

تقريب کي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر حيدر علي انڙ، جنرل سيڪريٽري راجا جواد ساهڙ، ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو، آغا ڪوثر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*