ڊاڪٽر عاصم خلاف 17 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ شريڪ جوابدار ذوهير جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ واري درخواست تي عدالت وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي جوابدار خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي

dr asim

ڊاڪٽر عاصم خلاف 17 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ شريڪ جوابدار ذوهير جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ واري درخواست تي عدالت وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزارت  کي جوابدار خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.

عدالت ۾ جوابدار جي وڪيل درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته سندس مووڪل ٻاهرين ملڪ وڄڻ ڇاهي ٿو پر خدشو آهي ته حڪومت روڪي وٺندي.

عدالت ۾ نيب جي وڪيل پاران دليل ڏيندي چيو ته جوابدار ذوهير صديقي جي خلاف سوئي سدرن ڪمپني ۾ ڪرپشن سميت ڊاڪٽر عاصم سان 17 ڪروڙ ڪرپشن واري ڪيس ۾ شريڪ جوابدار آهي.

عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي حڪومت ۽ وفاقي گهرو وزير کي جوابدار خلاف ڪاروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*