وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ڪيو ويو آهي

cm

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ڪيو ويو آهي، اجلا ۾ ريڪنگنيشن اينڊ ڪمپنسيشن ايڪٽ 2014 ۽ انسداد دهشتگردي ايڪٽ ۾ ترميم جي تجويز سميت سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ بلن جي منظوري تي غور ويچار ڪيو ويو آهي.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سڀني صوبائي وزيرن سميت چيف سيڪريٽري  ۽ آءِ جي سنڌ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شهيد ريڪنگنيشن اينڊ ڪمپنسيشن ايڪٽ 2014 ۾ شهيد اهلڪارن جي وارثن کي معاوضي سان گڏ 2 نوڪريون ڏيڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.

وزير اعليٰ جي ترجمان موجب شهيد اهلڪارن جي وارثن کي نوڪري واري شرطن ۾ عمر، قابليت ۽ ٻين شرطن ۾ تبديلي تي پڻ غور ڪيو پوي وڃي.

ترجمان موجب جيڪو اهلڪار پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ جان جو نظرانو ڏئي ٿو ان جي وارثن جي حفاظت لازمي ڪئي ويندي.

ترجمان موجب تجويزن تي غور کانپوءِ آءِ جي سنڌ کي سمري اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان موجب دهشتگردي ايڪٽ ۾ ترميم جي تجويزن تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي، ترميم ۾ ججز، قونصل،  پراسيڪيوٽر جي تحفظ لاءِ ان ڪيميرا ڪيسز هلائڻ، جوابدار جي سڃاڻپ کي ڳجهو رکڻ شامل آهن.

ترجمان موجب سنڌ رينٽيڊ پرميسز ايڪٽ 2017 ۾ به ترميم تي غور ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ پيش ڪيل تجويز ڏني وئي ته جيڪڏهن ڪو به ڪرائيدار 60 ڏينهن تائين ڪرايو ادا نه ڪري ته گهر جو مالڪ اها جائيداد واپس وٺڻ جو اختيار رکي ٿو.

ترجمان موجب ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، قانون واري سيڪريٽري ۽ ٻين کي ترميم تي سفارش موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ايڪٽ 2013 ۾ به ترميم جي تجويز ڏني وئي.

ترجمان موجب بورڊ 6 مستقل ميمبر شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*