جيڪب آباد ۾ گهر مان 25 ورهين جي معذوري ناريءَ جو ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي

jacobabad muder

جيڪب آباد ۾ گهر مان 25 ورهين جي معذوري ناريءَ جو ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي.

ڦول باغ پاڙي مان 25 ورهين جي معذور ناريءَ امام زادي ڌيءُ عبدالستار خاراڻي جو ڳلو ڪپيل لاش مليو.

پوليس ناريءَ جو لاش تحويل ۾ وٺي جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نامعلوم جوابدار گهر ۾ داخل ٿي ناريءَ کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو آهي.

وارثن چيو آهي ته ناريءَ ڄنگهين کان معذور هئي، کين خبر ناهي ته جوابدار ڪير هئا.

پوليس موجب، مقتول ناريءَ جي وارثن ڪيس داخل ناهي ڪرايو .

پوليس چيو آهي ته ناريءَ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*