مٺي ۽ ڇاڇري ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا

مٺي ۽ ڇاڇري جي اسپتالن ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن بعد ٿرپاڪر ضلعي ۾ ڏڪار سبب فوتين جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي.

مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل اَبن جو تڙ واسي هڪ ڏينهن جو ٻارڙو غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڇاڇري تعلقي اسپتال ۾ داخل 2 هفتن جو محرم رند به ساڳي غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويو.

ٿر پارڪر ضلعي ۾ ڏڪار ۽  غذائي کوٽ سبب ڏيڍ مهيني اندر فوتين جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي.

ننگر پارڪر، تلهار، ڇاڇرو ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ به برقرار آهي، جنهن ڪري مريضن جو درست نموني علاج نه ٿيڻ جون شڪايتون پڻ سامهون اچي رهيون آهن پر انتظاميه اگهور ننڊ سُتل هجڻ سبب هن مهل تائين ڪي به جوڳا اُپاءُ نه وٺي سگهي آهي ۽ هر هنڌ انتظامي نا اهلي جا اولڙا نظر اچي رهيا آهن ۽ ڊگهو عرصو گذرڻ ۽ وڏي وزير جا حڪم شامل ٿيڻ باوجود زميني صورتحال نه رڳو ساڳي پر ڏينهون ڏينهن خطرناڪ رُخ اختيار ڪندي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*