جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف هجڻ گهرجي

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف هجڻ گهرجي، حسين حقاني جي انڪشافن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ملڪ جي 5 کان 6 هزار اشرافيه کي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي اڊياله جيل ۾ بند ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ملڪ کي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪومت ٻڌائي مدرسن لاءِ بجيٽ ۾ ڪيتري رقم رکي وڃي ٿي، 40 سال گذرڻ باوجود حڪومت وياج خلاف قانون تي عمل ڪرائي نه سگهي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*