لاڙڪاڻي ويجهو ٻن روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3ڄڻا زخمي ٿي پيا

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ويجهو ٻن روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3ڄڻا زخمي  ٿي پيا.

 لاڙڪاڻو – وڳڻ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ عورت جميلا سميجو فوت ٿي وئي ۽سندس پٽ راجو زخمي ٿي پيو.

نصير آباد – لاڙڪاڻو روڊ تي ڊيزل سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي ٿي پيو جنهن ۾ڊرائيور فضل حليم پٺاڻ  فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس لاش ۽ زخمين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال پهچايو ، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته زخمين جي حالت نازڪ آهي ، سندن علاج  ڪيو پيو وڃي ………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*