سپريم ڪورٽ ۾ نيب ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ چيو ته نيب ۾ قاعدن ۽ ضابطي خلاف ٿيل ڀرتين کي ختم ڪيو ڪيو وڃي.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ نيب ۾ عيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

نيب داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ته 2013 تائين هڪ هزار 719 مقرريون ٿيون، جن ۾ 210 مقرريون قائدن جي ابتڙ ٿيون آهن.

نيب جواب ۾ چيو ته ڊيپوٽيشن تي 395 مان 9 آفيسر قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ مقرر ڪيا ويا.

نيب جواب ۾ چيو ته 156 آفيسرن بابت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي رپورٽ سان اتفاق ڪيون ٿا، جڏهن ته 39 ڪيسز م غلط اشتهار ڏنا ويا، گهربل اهليت ۽ قابليت جو ذڪر نه ڪيو ويو.

جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ چيو ته ڊي جي نيب عاليه رشيد جي مقرري ڪيئن ٿي آهي.

نيب جي وڪيل ايس اي رحمان دليلن ۾ چيو ته عاليه رشيد کي وزيراعظم جي هدايت تي مقرر ڪيو ويو هو.

جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ چيو ته وزيراعظم ڪهڙي قانون تحت مقرري جي هدايت ڪئي آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته ڇا وزيراعظم سڀني قانونن کان بالاتر آهي.

جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ چيو ته تعليمي قابليت تي پورو نه لهندڙ نيب ۾ ڪيئن ٿا ڀرتي ٿي سگهن؟

جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ چيو ته بي فڪر ٿي وڃو آرڊر جاري ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪنداسين……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*