خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسين سياست ۾ مال بڻائڻ نه پر خدمت جي جذبي سان آيا آهيون

pervais khatak

خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسين سياست ۾ مال بڻائڻ نه پر خدمت جي جذبي سان آيا آهيون، شو باز وڏي وزير وانگر ناهيان ته هر منصوبي تي پنهنجي تصوير لڳايان.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ سوال ڪيو ته ڇا ملڪ انهيءَ لاءِ بڻيو آهي ته عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو وڃي، چونڊن جي وقت ڀڙڪيون هنيون وڃن.

هن چيو ته وفاقي حڪومت کان ميٽرو بس سروس لاءِ ريلوي جي زمين نه ٿيڻ جي شڪايت به ڪئي ۽ چيو ته اسين ميٽرو بس سروس 6 مهينن ۾ مڪمل ڪنداسين.

پرويز خٽڪ چيو ته گذريل حڪومتن کي پوليس، اسپتال ۽ اسڪولن کي ٺيڪ ڪرڻ جو خيال نه آيو، اسان سياست ۾ خدمت ڪرڻ آيا آهيون مال بڻائڻ نه.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*