ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ شهيدن جي مزار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

ghari khuda bakhsh

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ شهيدن جي مزار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن نور محمد کوسي، يوسف درس ، محمد جمن چنا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهيدن جي مزار آڏواحتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي جي هڪ هزار ملازمن ۽ 180 پينشنرن کي گذريل 12 مهينن جون پگهارون نه ڏنيون ويون آهن ، جنهن جي ڪري ملازم مالي پريشانين جو شڪار بڻيل آهن.

 هنن وڌيڪ چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين سندن احتجاج جاري رهندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*