بدين ۾ ڏکڻ سوڊان مان باغين هٿان اغوا ٿيل انجنيئر جي بازيابي لاءِ فشرفوڪ فورم طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Badin-28716

بدين ۾ ڏکڻ سوڊان مان باغين هٿان اغوا ٿيل انجنيئر جي بازيابي لاءِ فشرفوڪ فورم طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

فشر فوڪ فورم جي سڏ تي عمر ملاح، عابده جمالي، ظفر ڌاريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  اٺ ڏينهن گذري وڃڻ باوجود انجنيئر اياز جمالي کي بازياب ناهي ڪرايو ويو.

هنن چيو ته انجنيئر اياز جمالي روزگار سانگي سوڊان ويو هو، جتان کيس سوڊاني باغين اغوا ڪيو آهي.

اڳواڻن چيو ته پاڪستاني حڪومت اڃا تائين اياز جمالي جي بازيابي لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.

اڳواڻن سنڌ  ۽ وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اياز جمالي جي آزادي لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*