خانواهڻ ۾ شهرين، واپارين بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

khanwahan

خانواهڻ ۾ شهرين، واپارين بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سياسي، سماجي تنظيمن، پيپلزپارٽي، شهري اتحاد، تبديلي پسند تحريڪ، واپاري ايسوسئيشن ۽ ٻين جي سڏ تي شهر ۾ڪاروبار بند ڪري سيد چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي رانجهو خان سولنگي، رستم علي ڪونڌر، فضل ڪلهوڙو، غلام نبي سولنگي ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ 20 کان 22 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته  بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب سندن ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، احتجاج باوجود ڪير به نوٽيس نه پيو وٺي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اختياريون نوٽيس وٺي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرائن ته جئين هو سک جو ساهه کڻي سگهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*