پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ نه ڪئي ويندي

abid-shar-ali

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ نه ڪئي ويندي، بل ڏيندڙ حقدارن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي، ماضيءَ جي حڪومتن وارا چور هئا، ڪوبه ڪم نه ٿيو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته بجلي پوري ڪري معاشي استحڪام آڻڻ حڪومت جو ويزن آهي، ريڪورتي 93 سيڪڙو ۽ لائين لاسٽ 19 سيڪڙو تي آندي آهي.

هن چيو ته ماضيءَ جي حڪومتن وارا چور هئا، ڪوبه ڪم نه ڪيو ويو، سمورو تيل چوري ٿي ويندو هو، چوريءَ کي روڪي منافعو وڌايو آهي.

عابد شير علي چيو ته بل ڏيندڙ حقدارن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي، جن علائقن ۾ بجلي چوري ٿيندي، اتي لوڊشيڊنگ جاري رهندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*