وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو پاڪ- چين سان دوستي جو وڏو مثال آهي

pm

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو پاڪ- چين سان دوستي جو وڏو مثال آهي، پاڪستان جو اقتصادي منظر نامو 4 سالن ۾ تبديل ٿي ويندو.

وزيراعظم هائوس ۾ چيني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته  پهرين ڏينهن کان ملڪ جي معيشت ۽ توانائي جي بهتري تي ڌيان ڏنو ويو آهي، معاشي ترقي جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتري آئي آهي، سيڙپڪارن کي بهتر ماحول فراهم ڪري رهيا آهيون.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته سي پيڪ منصوبو چين سان دوستي جو وڏو مثال آهي، منصوبي سان ملڪ ۾ ترقي ٿيندي ۽ عوام کي سهولتون ملنديون………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*