سپريم ڪورٽ نيب جي محمد يونس ۽ فرخ نسيم سميت چئن آفيسرن جي وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ واري درخواست منظور ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Supreme-Court-14-4-16supreme

سپريم ڪورٽ نيب جي محمد يونس ۽ فرخ نسيم سميت چئن آفيسرن جي وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ واري درخواست منظور ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، نيب ۾ عاليه رشيد جي مقرري تي جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم کي قانون موجب ڪم ڪرڻو هوندو آهي، پاليسي رڳو هڪ شخص لاءِ نه پر عوام لاءِ بڻائي ويندي آهي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ نيب ۾ غير قانوني مقررين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ڪئي.

نيب چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته 2 آفيسر ڪرنل نعيم ۽ طارق نديم ريٽائرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته محمد عامر ۽ انصر يعقوب واپس پنهنجي کاتن ۾ وڃڻ جي درخواست ڏني آهي.

نيب چيئرمين چيو ته محمد يونس ۽ ڪيپٽن فرخ نسيم به وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته عاليه رشيد پهريان تعليم واري وزارت ۾ ڪانٽريڪٽ تي ملازم هئي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته اهڙي ڪا شق آهي، جنهن تحت نيب راندين کي هٿي ڏئي، جنهن تي نيب چيئرمين چيو ته آگاهي ۽ ڪرپشن جي خاتمي بابت شعور بيدار ڪرڻ واري مهم هلائي پئي وڃي.

عدالت چئني آفيسرن جي ريٽائرمينٽ جي درخواست قبول ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عدليا ۾ به ڪڏهن احتساب نه ٿيو هو، هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هڪ جج کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

عدالت چيو ته ميجر برهان علي، ميجر طارق محمود ۽ ميجر شبير احمد بابت فيصلو سڀاڻي ڪيو ويندو، عاليه رشيد بابت به حڪم سڀاڻي جاري ڪنداسين.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته خالي ٿيندڙ آسامين تي نيب چيئرمين اشتهار ڏئي سموريون ڀرتيون پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڪرائي.

عاليه رشيد جي وڪيل چيو ته عاليه رشيد جي مقرري قانون نه پر پاليسي موجب ٿي آهي، پاليسي هڪ شخص لاءِ نه پر عوام لاءِ بڻائي وڃي ٿي.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ڇا وزيراعظم ميٽرڪ کي پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو.

نيب چيئرمين ٻڌايو ته عاليه رشيد ريٽائرمينٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عاليه رشيد ريٽائرمينٽ وٺي ها ته شايد پينشن ملي وڃي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*