ايم ڪيو ايم جي سڏ تي ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر ۾ شٽربند هڙتال رابطا ڪميٽي شام جو ڪاروبار کولڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

ايم ڪيو ايم جي سڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال  رهي، رابطا ڪميٽي شام چئين وڳي کان ڪاروبار کولڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.

ايم ڪيو ايم پاران سندن ڪارڪن سهيل احمد جو لاش ملڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال آهي.

ڪراچي ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند آهن ۽ ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ آهي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ايم ڪيو ايم جي سوڳ واري سڏ تي ڪراچي يونيورسٽي، لياري، وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ رٿيل پيپرز ملتوي ڪيا ويا .

ڪراچي جيان سنڌ جي ٻين شهرن، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار، جهڏو جي مخصوص علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز نه کلي سگهيا، جڏهن ته ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ رهي.

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سهيل احمد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

الطاف حسين پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهري شام چئين وڳي کانپوءَ معمول واريون سرگرميون شروع ڪن ته جيئن سڀاڻي حيدرآباد يونيورسٽي جي افتتاح جي تياري ڪري سگهجي.

ٻئي پاسي رابطا ڪميٽي پنهنجي شماريات شعبي کي هدايت ڪئي آهي ته شهرين جي ڏک ۽ درد کي محسوس نه ڪندڙ وڏن واپارين جون فهرستون ايمانداري سان جوڙيون وڃن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏن وڏن واپارين سدائين ڪراچي جي عوام جي ڏکن کي محسوس نه ڪيو، فهرستون تيار ٿين ته جيئن شهر کي اهڙن ماڻهن کان پاڪ ڪرڻ واري پرامن مهم جي شروعات ڪري سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*