مديجي ۾ پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي

madeji-map

مديجي ۾ پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ڳوٺ خير محمد جي وانڍ تي پوليس چڙهائي خلاف مسمات انور خاتون، حسينه خاتون، خيرمحمد جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ عورتن ۽ معصوم ٻاررن تي تشدد ڪيو.

احتجاج ڪندڙن الزام لڳائيندي چيو ته پوليس گهر ۾  پيل روڪ رقم ، سونا زيور ۽ بيٺل ڍور به ڪاهي وئي آهي.

مظاهرين ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان اپيل ڪئي ته پوليس جي ڪيل ناجائزي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

ڊي ايس پي علي بخش ڍڪڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عبيدالله جوڻيجو کي قتل ڪيو ويو هو ان جي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ چڙهائي وڪئي وئي پر اتي ڪوبه موجود نه هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*