ايگريڪلچر انجنيئرنگ ورڪشاپ جي ملازمن جي احتجاج سبب ستين ڏينهن به ٽنڊوڄام، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جا سينٽر بند پيل آهن

tadam

ايگريڪلچر انجنيئرنگ ورڪشاپ جي ملازمن جي احتجاج سبب ستين ڏينهن به ٽنڊوڄام، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جا سينٽر بند پيل آهن.

ملازمن جي احتجاجي طور تالابندي سبب آفيسن جو ڪارونهوار ۽ زرعي مشنري جا گيراج پڻ بند هجڻ جو اعليٰ اختيارين ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو.

انجنيئرنگ ورڪشاپ ٽنڊوڄام جي ملازمن سيد بچل شاھ، عزيز زمان، محمد خان ملاح، مور رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ستين ڏينهن آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي اڳواڻن چيو ته سانگهڙ آفيس ۾ ويٺل سپروائيز هيٺين ملازمن سان لڳاتار ناانصافيون ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته گذريل هڪ هفتو اڳ پنج ملازمن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بلاول ڊومڪي ۽ مظهر تنيو تنيو کي حراست ۾ ورتو ويو.

هنن وزير اعليٰ سنڌ ، زراعت واري صوبائي وزير ۽ کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ملازمن کي انتقامي ڪاروائن جو نشانو بڻائيندڙ آفيسر کي عهدي تان هٽائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*