ڪراچيءَ جي پاڪ ڪالونيءَ ۾ منشيات فروشن ۽ قبضا مافيا خلاف پوليس جي ڪارروائي دوران دڪان جي ڀت ڪيرائڻ تان شهري ايس ايڇ او سان اٽڪجي پيو

pak colony

ڪراچيءَ جي پاڪ ڪالونيءَ ۾ منشيات فروشن ۽ قبضا مافيا خلاف پوليس جي ڪارروائي دوران  دڪان جي ڀت ڪيرائڻ تان شهري ايس ايڇ او سان اٽڪجي پيو، لتن ۽ مڪن جو به استعمال، اهلڪارن ايس ايڇ او کي مڪون هڻندڙ شهريءَ کي سوگهو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد رينجرز طلب ڪري 4 ڄڻن گرفتارڪيو ويو .

پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾  آپريشن دوران رهواسين جون پوليس سان چڪريون ٿيون، ڳوٺاڻن پاران ڌڪا ملڻ سبب ايس ايڇ او  کڏ ۾ ڪري پيو، پوليس  پاران رينجرز طلب ڪري  4 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا.

رينجرز جي نفري پاڪ ڪالوني پهچي  صورتحال کي ڪنٽرول ڪري 4 دڪاندار گرفتار ڪري ورتا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*