سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ 19 مهينا قيد ڪاٽيندڙ پيپلز پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت منظور ڪندي آزادي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي

Sindh-high-Court-7217

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ 19  مهينا قيد ڪاٽيندڙ پيپلز پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت منظور ڪندي آزادي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج ڊاڪٽر عاصم جي ٻن ڪيسن 462 ارب ڪرپشن ڪيس ۽ 17 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ ميڊيڪل بنياد تي ضمانت منظور ڪندي ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل کي 25 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ضمانت منظور ڪئي.

چيف جسٽس ۽ ٻئي جج جي اختلافي فيصلي کانپوءِ معاملو ريفري جج جسٽس آفتاب ڳورڙ کي موڪليو ويو هو، جنهن تي جسٽس آفتاب ڳورڙ فيصلو ٻڌائيندي ڊاڪٽر عاصم کي 50 لک رپين عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالتي فيصلي جي روشني ۾ ڊاڪٽر عاصم ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندو، ڊاڪٽر عاصم نيب ريفرنس کان علاوا ٻين ٻن ڪيسن ۾ اڳ ئي ضمانت منظور ڪرائي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*