ڪراچي جي مختلف علائقن ۾پوليس ڪارروايون ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو

Karachi-Police-2418-19916

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾پوليس ڪارروايون ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته گارڊن واري علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويوآهي.

پوليس موجب اورنگي ٽائون سيڪٽر 14 مان 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن اسٽريٽ ڪرائم سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن جن وٽان هٿيار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب شاهراهه فيصل تي ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار گرفتار ڪري ورتو ، پوليس موجب گرفتار جوابدار پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث آهي.

پوليس موجب جوابدار تي قتل ۽ منشيات فروشي جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

پوليس موجب گارڊن آفيسر سوسائيٽي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*