برطانوي وزيراعظم ٽريزامَي يورپي يونين مان نڪرڻ وارو عمل شروع ڪرڻ لاءِ خط تي صحيح ڪري ڇڏي

britian

برطانوي وزيراعظم ٽريزامَي يورپي يونين مان نڪرڻ وارو عمل شروع ڪرڻ لاءِ خط تي صحيح ڪري ڇڏي، يورپي ڪائونسل جي صدر ڊونلڊ ٽسڪ کي اڄ لزبن معاهدي جي آرٽيڪل 50 تحت آفيشل نوٽس پهچايا ويندا، جنهن بعد وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن کي انهيءَ بابت آگاهه ڪندي.

واضح رهي ته گذريل سال جون ۾ منعقد ڪيل ريفرنڊم ۾ اڪثريت برطانيا جي يورپي يونين کي ڇڏڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.

وزيراعظم ٽريزا مَي جو خط ڊونلڊ ٽسڪ کي برطانوي وقت موجب ساڍي 12هين وڳي يورپي يونين ۾ برطانوي سفير سر ٽيم بورو ذريعي پهچايو ويندو.

ان کانپوءِ وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي انهيءَ بابت آگاهه ڪندي ته يورپي يونين مان برطانيا جي نڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته برطانوي وزيراعظم واعدو ڪيو آهي ته هــُوءَ آرٽيڪل 50 تحت يورپي يونين سان بريگزٽ بابت ٻه سال ڳالهين جي شروعات ڪندي، جن ۾ يورپي يونين سان نون لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

برطانوي وزيراعظم ڪرسمس کان پهريان چيو هو ته هــُوءَ بريگزٽ جو عمل مارچ جي پڄاڻي تائين شروع ڪرڻ چاهي ٿي، تنهنڪري 25 مارچ تي ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي.

برطانيا جي مٿئِين ايوان ۾ 118 ووٽن جي ڀيٽ ۾ 274 ووٽن تان يورپي يونين ڇڏڻ لاءِ بل کي بنا ترميم جي منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ان کان اڳ هيٺئِين ايوان ۾ 122 جي ڀيٽ ۾ 494 ميمبرن وزيراعظم کي ٽريزامَي سان بريگزٽ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*