بلوچستان جي صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي خلاف عدالتي حڪم تي ناياب هرڻ شڪار ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو

Sarfraz-Bugti11-8

بلوچستان جي صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي خلاف عدالتي حڪم تي ناياب هرڻ شڪار ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي شڪار ڪيل ناياب هرڻ ڀرسان سرفراز بگٽي جي تصوير واري معاملي جو بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

ٻيلي کاتي جي سينئر عملدار جي فرياد تي تڪتو واري علائقي ۾ ليويز ٿاڻي تي صوبائي گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

ذريعن موجب صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي تڪتو واري علائقي ۾ ناياب هرڻ جو شڪار ڪيو هو، تصويرون سوشل ميڊيا تي رکيون ويون، جنهن جو بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي بيان ۾ چيو ته کيس اڃاتائين ڪو به نوٽيس ناهي مليو نه ئي هن ڪو غيرقانوني شڪار ڪيو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*