حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ اسڪولي ٻارڙو فوت ٿي ويو

hyd takkr

حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر  جي نتيجي ۾ اسڪولي ٻارڙو فوت ٿي ويو.

قاسم آباد واري علائقي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس جو رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول ويندڙ 8 ورهين جو نينگر گل محمد شاهه فوت ٿي ويو.

فوتي  نينگر جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

حادثي بعد پوائنٽ بس ڊرائيور محمد علي ملاح ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏني، پوليس گاڏيءَ کي به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

فوتي نينگر جي پيءُ منور شاهه چيو آهي ته نينگر قاسم آباد فيض ون کان اسڪول وڃي رهيو هو ته پوائنٽ بس رڪشا کي ٽڪر هنيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*