ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽين ڏينهن به شهيدن جي مزار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ghari khuda bakhsh

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽين ڏينهن به شهيدن جي مزار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن نور محمد کوسي، يوسف درس ، محمد جمن چنا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ٽين ڏينهن به هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي  شهيدن جي مزار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي جي هڪ هزار ملازمن کي هڪ سال کان  پگهارون ۽ 180 رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ڏني وئي آهي، جنهن ڪري ملازم سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

  هنن چتاءُ ڏنو  ته  مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندي ڪراچي ۾ وزير اعليٰ هائوس اڳيان  ڌرڻو هڻندا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*