سپريم ڪورٽ پوري ملڪ ۾ منظور ٿيل ڪمپنين جي چنگچي رڪشا هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ پوري ملڪ ۾ منظور ٿيل ڪمپنين جي چنگچي رڪشا هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته منظور ٿيل ڪمپنين کانسواءِ ٻيا رڪشا هلائڻ جي اجازت نه هوندي.

جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ چنگچي رڪشائن تي پابندي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس گلزار احمد رمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي ۾ 1950 واري دور جون بسون هلي رهيون آهن، پوري ملڪ ۾ چنگچي رڪشا هلي رهيا آهن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته موٽر سائيڪل ۾ لڳل رڪشا ڇو هلي رهيا آهن، موٽر سائيڪل ۾ لڳل رڪشا خطرناڪ آهن، موڙ ڪاٽيندي ئي ڪلٽي ٿي پون ٿا.

جسٽس گلزار احمد رمارڪس ۾ چيو ته حڪومت ميٽرو ، گرين بس ۽ اورنج لائن ٽرانسپورٽ هلائي رهي آهي، ان سان چنگچي رڪشا به روڊن تي هلي رهيا آهن، پر رڪشائن جي نظام کي ڏسڻ وارو ڪير به ناهي، حڪومت ان معاملي تي ستل آهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته حڪومت کي مسئلو حل ڪرڻ سان ماڻهن جو روزگار به بحال رکڻو آهي.

جسٽس گلزا احمد رمارڪس ۾ چيو ته حڪومت وٽ غيرقانوني چنگچي رڪشائن بابت انگ اکر به موجود ناهن.

سرڪاري وڪيل دليلن ۾ چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان صوبي ۾ غيرقانوني چنگچي رڪشائن تي پابندي لڳل آهي.

پنجاب حڪومت جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته صرف منظور ٿيل چنگچي رڪشائون هلائڻ جي اجازت هوندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*