ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته سياست ڪرڻ وارا ورهائجي ويا آهن

Farooq-Sattar-19117

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته سياست ڪرڻ وارا ورهائجي ويا آهن، ووٽ ڏيندڙ ورهائجي ناهن سگهيا، حڪومت کي گهرجي ته 22 آگسٽ وارا ڪيس ختم ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته هو بي بنياد آهن.

فاروق ستار چيو ته ڪنهن به نظرئي ڏيڻ واري سان جذباني وابستگي هوندي آهي، ايڏي وڏي  رفاقت کي ڇڏڻ وڏي قرباني آهي.

ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته پارٽي ۾ 30 سيڪڙو ڪارڪن الطاف حسين جا جذباتي وابستگي رکن ٿا.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي مسئلن کي سمجهي ٿي پر وسيلا نه هئڻ ڪري انهن کي حل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.

فاروق ستار چيو ته تازي گرفتاري کانپوءِ آزادي شايد اهو پيغام ڏنو ويو ته جڏهن چاهيون گرفتار ڪري ٻيهر ڇڏي سگهون ٿا.

هن چيو ته هو صرف پاليسي ڄاڻڻ چاهين ٿا يومِ تاسيس ڪامياب رهيو، اهو ورڪرز ڪنوينشن هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*