وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 600 نيون بسون هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

cm

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 600 نيون بسون هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير چيو آهي ته شهر ۾ بسن جي گهٽتائي سبب ماڻهو ڇِتين تي ويهي سفر ڪن ٿا، انٽرا سٽي بسن لاءِ 30 سيڪڙو روڪ رقم پهران ادا ڪئي ويندي، جنهن مان 15 سيڪڙو ٽرانسپورٽر ۽ 15 سيڪڙو سنڌ حڪومت وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

صوبائي وزير ناصر شاهه اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ 8 هزار نيون بسون هلائڻ جي ضرورت آهي، جن جي انشورنس وارو معاملو سنڌ انشورنس ڪمپني حوالي ڪيو وڃي.

هن چيو ته ٻيون ڪمپنيون ڪراچي جي بسن جي انشورنس ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، بليو لائين سهراب ڳوٺ کان گرو مندر تائين هلندي.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته بليو لائين منصوبو 12 ڪلو ميٽرن تي ٻڌل هوندو، جيڪو 9 اسٽيشن تي ٻڌل 6 ڏهائي 6 ڪلو ميٽر وڏو منصوبو هوندو، جنهن ذريعي روزانو 4 لک 57 هزار مسافرن کي سفر جي سهولت ملندي.

وڏي وزير ڪراچي لاءِ 6 سئو نين بسن جي منظوري ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت انٽرا سٽي بسون هلائيندڙ ٽرانسپورٽرز کي امداد جي مدد ۾ 2 بلين مالي مدد ڪندي.

وڏي وزير چيو ته شهر اندر بسن جي گهٽتائي سبب شهري نه رڳو پراڻين بسن ۾ سفر ڪرڻ تي مجبور آهن پر گاڏين جي ڇِتين تي ويهي سفر ڪن ٿا.

وڏي وزير چيو ته انٽرا سٽي بسن لاءِ 30 سيڪڙو روڪ رقم ڏني ويندي، جنهن مان 15 سيڪڙو ٽرانسپورٽر ڀريندا ۽ 15 سيڪڙو سنڌ حڪومت وياج کان پاڪ قرض فراهم ڪندي.

وڏي وزير چيو ته انٽرا سٽي بسن جي خريداري لاءِ سنڌ حڪومت 30 سيڪڙو قرض رِسڪ گارنٽي ڏيندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڻي شهر جي روڊن، انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوورز تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي، هاڻي بسن جي منصوبن کي جلد شروع ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*